SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


فڪري مضمون


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

فڪري مضمون

(Reflexive Essays)

هنن مضمونن ۾ فڪري خيالات سمايل هوندا آهن، جن جو موضوع سماجي، سياسي، گهريلو معاملن ۽ ڪنهن پهاڪي، قول جي تشريح، ڪنهن مسئلي جي اظهارَ، ڪنهن خيال، راءِ وغيره تي بحث اچي وڃي ٿو. هنن مضمونن ۾ اخلاقيات جا موضوع به اچي وڃن ٿا. خاص طور هيٺيان عنوان اچي وڃن ٿا: پهاڪن ۽ چوڻين وارا مضمون (Quotational Essays): جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي، ٻه ته ٻارنهن، تتي ٿڌي ڪاهه، ڏک سکن جي سونهن وغيره. اهڙا موضوع جن جي باري ۾ صحيح ۽ درست معلومات موجود هجي، مثال طور شاگرد اسڪائوٽ تحريڪ، هوا بازي جي تاريخ ۽ تحريڪ، ملڪي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو، اخبارن پڙهڻ جا فائدا. اهڙا موضوع جن ۾ صرف بحث هجي، مثال طور گڏيل تعليم، سائنس جو مقصد، جمهوريت، وطن جي حب. اهڙا موضوع جن ۾ وضاحت ضروري هجي. مثال طور ايمانداري هڪ سٺي حڪمت عملي آهي، بدعنواني، ايمانداري، سچ وغيره. اهڙا موضوع جن لاءِ ڪنهن خاص علم جي ضرورت نه هجي. مثال طور موسيقي، غربت، اميري، ثابت قدمي وغيره.


Remember Me Also:

بيلدار

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal